اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هدايت ڪئي آهي ته چمن وانگر طور خم بارڊر تي به انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري طور تي لڳايو وڃي ۽ سفري دستاويزن جي تصديق فوري ۽ آسان بڻائي وڃي، ??اه??ين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين لاءِ به وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. هو نادرا چيئرمين طارق ملڪ سان ڳالهائي رهي هئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نادرا پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نادرا چيئرمين مملڪتي وزير کي ??اه??ين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين کي نادرا پاران فراهم ڪيل مختلف ڊجيٽل آن لائين سهولتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، هن چمن بارڊر تي مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي باري ۾ مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نادرا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت پاڪستان آرمي جي تعاون سان اهو سسٽم تيار ڪيو آهي، چمن بارڊر تي اهو سسٽم ٽرمينلز تي لڳايو ويو آهي جيڪو 20 هزار کان وڌيڪ واپارين، مريضن، زائرين ۽ بارڊر جي ٻنهي طرف رهندڙ ٻنهي ملڪن جي شهرين جي اچ وڃ م بنا رڪاوٽ جي آساني پيدا ڪندو آهي، مملڪتي وزير حنا رباني کر من بارڊر تي لڳايل نادرا جي تيار ڪيل بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي آپريشنز کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا جو اهو قدم واکاڻ جوڳو آهي ان سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي شهرين جي سرحد پار چرپر ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. مملڪتي وزير نادرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته چمن بارڊر وانگر طورخم بارڊر تي به مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري لڳايو وڃي ته جيئن اتي به ٻنهي ملڪن جي شهرين کي انهن جي اچ وڃ ۽ سفري دستاويزن جي فوري تصديق ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي. طارق ملڪ سمنڊ پار پاڪستا??ين لاءِ پاور ڊجيٽل آف اٽارني آن لائن سروس جي باري ۾ به مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نادرا نئون جديد آن لائن نظام تيار ڪيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي سمنڊ پار پاڪستاني پاور آف اٽارني آن لائن گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا، اهو نظام آزمائشي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود 10 پاڪستاني مشنز ۾ شروع ڪيو ويو آهي، مملڪتي وزير چيو ته پاور آف اٽارني حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستا??ين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، ه?? هدايت ڪئي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب دنيا جي سمورن ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستا??ين لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن ڇو ته ??اه??ين ملڪ پاڪستاني اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن جيڪي ملڪي معيشت ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مملڪتي وزير نادرا پاران ??اه??ين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين کي فراهم ڪيل ڊجيٽل سهولتن کي ساراهيو. هن چيو ته ??اه??ين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين جي ڀلائي ۽ بهتري وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ??اه??ين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
متعلقہ مضامین
-
Cooperation with Pakistan key to counter-terror efforts: State Dept
-
Minister Arora, TDAP chief discuss minority inclusion in trade, tourism
-
لکی ربیٹ آفیشل انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم
-
Police demand additional 25,000 persons for PTIs sit-in
-
Doctors alleged negligence claims innocent life
-
Why Qataris were allowed to hunt houbara bustard?
-
Three MQM activists in Karachi arrested by LEAs
-
Sindh CM says he feels hurt over ministers remarks against MPA
-
Govt to inaugurate 14 passport offices this year: Nisar
-
Caishenniu تفریحی ویب سائٹ - پریمیم آن لائن گیمنگ تجربہ
-
نینجا بمقابلہ منشیات فروش - ایک دلچسپ ایکشن گیم
-
دی بک آف دی ڈیڈ آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل معلومات