اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪيو. اين ايف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي معزز مهمانن جو استقبال ڪيو. اين ايف آر سي سي موجب دوري ??ور??ن و??اقي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال، ايندڙ 4 هفتن جي لاءِ مستقبل ۾ برسات جي اڳڪٿي ۽ متاثر آبادي جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪم جي طريقيڪار، مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي بحالي، متاثر ماڻهن جي لاءِ خوراڪ جي فراهمي، بي گهر متاثر ماڻهن کي پگناهه ۽ طبي امداد جي فراهمي جي منصوبن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم نقصانن جي تشخيص جي لاءِ گڏيل سروي جلد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ان قومي آفت ??ور??ن سول انتظاميا خاص طور تي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سول آر??ڊ فورسز بشمول پاڪستان رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور سان گڏجي هٿياربند فوج جي سمورن ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن کي ساراهيو. بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ سارسنڀال جي لاءِ اين ايڇ اي، ايف ڊبليو ۽ پاڪستان آرمي جي انجينئرز جي مسلسل ۽ تيز رفتاري سان ڪم کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هاڻي اسان جو ڌيان متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي تي آهي جيڪي ان قدرتي آفت کان متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم خصوصي طور تي سوات ۾ قراقرم هاءِ وي، بحرين پل ۽ ڊي آءِ خان ۾ سگو پل کي کولڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندڙ فوجي دستن کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان هڪ ٺوس قومي ڪوشش ذريعي ئي ان قدرتي آفت تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته اسان کي ان چئلينج جو جواب ڏيڻ جي لاءِ هڪ قوم طور اڳتي وڌڻو پوندو، جيتوڻيڪ چئلينج تمام وڏو آهي پر هي متحرڪ ۽ مضبوط ٿيڻ جو موقعو به آهي. وزيراعظم هن مشڪل ??ور??ن پاڪستان سان رابطو ڪرڻ ۽ عالمي حصيدارن جي حيثيت سان مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن تي عالمي برادري، دوست ملڪن ۽ ??نظ??من جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
India targets civilians after military losses, 5 martyred in unprovoked shelling at LoC
-
روحانی دنیا کے عجائبات کا سرکاری تفریحی پورٹل
-
فگوایشی آفیشل انٹرٹینمنٹ اینٹرنس: تفریح کا بہترین ذریعہ
-
GW لاٹری ایماندار تفریح ویب سائٹ
-
Golden Gem قابل اعتماد تفریحی ویب سائٹ
-
Mushahid for parliamentary panel to probe Panama leaks
-
Visually impaired people denied rights, even on their day
-
Veeru dedicates presidential award to the oppressed
-
Levies Forces personnel martyred in Bajaur roadside bomb blast
-
MW Electronics آفیشل ڈاؤن لوڈ پورٹل
-
چائنا ریسورسز اسپورٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
گورنر آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم کی ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات